ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري، وبا سبب وڌيڪ 92 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 92 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد هيل تائين وائرس سبب حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 هزار 22 ٿي ويو، جڏهن ته وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 28 ڪيس رپورٽ به ٿيا آهن، اين سي او سي موجب ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 26 هزار 695 ٿي ويو ۽ ڪورونا جا 8 لک 52 هزار کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب به ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 3.93 رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔