سنڌ هاءِ ڪورٽ روفي بلڊرز کي گلوبل سٽي ۾ وڌيڪ زمين ليز تي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ روفي بلڊرز کي گلوبل سٽي ۾ وڌيڪ زمين ليز تي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، روفي بلڊرز جي مالڪن عبدالرئوف ۽ منظور روفي جي ضمانت درخواست تي جاچ آفيسر کان جواب طلب، ٻڌڻي دوران متاثرن جي وڪيل چيو ته سپر هاءِ وي تي روفي گلوبل سٽي جي نالي تي سوسائٽي ٺاهي وئي، ماڻهن هڙان وڙان ڪري پلاٽ ورتا، پر روفي بلڊرز ماڻهن کان پئسا وٺڻ بعد 17 ايڪڙ زمين ٻين کي وڪرو ڪري ڇڏي، متاثرن کي پلاٽ ڏنا وڃن، عدالت روفي بلدرز سٽي جو سڄو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔