عورت مارچ ۾ شامل ڪنهن عورت کي مظلوم عورتن جي مدد ڪندي نه ڏٺو آهي: جويريه سعود

لاهور: مشهور اداڪاره جويريه سعود چيو آهي ته عورت مارچ جو ڪوبه فائدو اڃان تائين ناهي ڏٺو.تازو ئي ڏنل انٽرويو جي دوران جويريه سعود عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نڪتل مارچ تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته بينرز کڻن ۽ نعرا لڳائڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا. جيڪڏهن اوهان واقعي مظلوم عورتن جي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ظلم کي بند ڪريو. اداڪاره چيو ته مظلوم عورتن جي لاءِ نعرا لڳائڻ جي بجاءِ ان جي مسئلن جو پرامن حل ڳوليو ڇو ته مارچ ۾ جيتريون عورتون شامل هيون اهي عورتون تعليم يافته آهن. جويريه سعود موجب هي عورتون جيڪڏهن مظلوم عورتن جي لاءِ آواز اٿارين ٿيون ته اها سٺي ڳالهه آهي پر ان آواز جو اڃان مون ڪوبه فائدو نه ڏٺو آهي.هن چيو ته مارچ ۾ شامل ڪنهن به عورت کي مظلوم عورتن جي مدد ڪندي ناهي ڏٺو ويو. جيڪڏهن انهن جا نعرا مظلوم عورتن جي مدد ڪري سگهن ٿا ته مان انهن سان گڏ آهيان. هن وڌيڪ چيو ته مظلوميت جو مطلب آهي هڪ عورت تي ظلم ٿي رهيو هجي ڇو ته ڪيتريون ئي عورتون پنهنجو گهر ۽ مستقبل پنهنجي مفاد لاءِ ختم ڪري چڪيون آهن. هڪ شادي شده عورت جي پهرين ترجيح ان جو خاندان ۽ ان جي اولاد آهي ان کان پوءِ ان جو ڪيريئر ۽ مستقبل ايندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔