يوگنڊا ۾ گاڏي مٿان فائرنگ، اڳوڻي آرمي چيف جي ڌيءَ مارجي وئي

يوگنڊا: يوگنڊا ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير جي گاڏي مٿان نامعلوم ماڻهن حملو ڪري ان جي ڌيءَ ۽ ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.حملو اوڀرين آفريقي ملڪ يوگنڊا جي گادي واري شهر ڪمپالا ۾ ڪيو ويو جڏهن جنرل گنمباواملا پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ سفر ڪري رهيو هو. ان وقت چئن جوابدارن ان جي گاڏي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏنني.وزير گنمباوامالا فوج جو اڳوڻو ڪمانڊر آهي. يوگنڊا فوج جي ترجمان بريگيڊيئر فلاويه صحافين کي ٻڌايو ته حملي ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير کي هڪ گولي لڳي آهي جنهن کان پوءِ کيس زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ان جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي.پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ مقامي رهواسي به زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن يوگنڊا جي صدر بوويري موسيويني حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا ماڻهو ڏوهاري آهن جنهن کي قيمتي حياتين جي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سيڪيورٽي اهلڪارن وٽ پڪا ثبوت موجود آهن. جلد اصل ڏوهارين تائين پهچي کين سخت سزا ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔