بدقسمتي سان حڪومتون تبديل ٿيڻ سان نيب جي رويي ۾ به جهڪاءُ اچي ويندو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ طرفان پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي دوران غير حاضري تي فاروق ايڇ نائڪ مٿان ڪاوڙ جو اظهار، عدالت خورشيد شاهه جي ٻنهي گهروارين کي طلب ڪري ورتو، سندس پُٽ فرخ شاهه ۽ صوبائي وزير اويس قادر شاهه سوڌو ٻين جوابدارن کي به پيش ٿيڻ جو حڪم، عدالت چيو آهي ته جِن جوابدارن کي ضمانت منسوخي جا نوٽيسز جاري ٿيا آهن، اُهي سڀاڻي عدالت آڏو پيش ٿين، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس سردار طارق چيو ته بدقسمتي سان حڪومتون تبديل ٿيڻ سان نيب جي رويي ۾ به جهڪاءُ اچي ويندو آهي، ڪيترن ئي ڪيسز ۾ نيب اپيل به داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، مخالف کي نيب ۾ ڦاسايو ويندو آهي، اسان ۽ توهان سڀ نيب جي غيرجانبداري ڄاڻون ٿا، ڌُرين کي نوٽيسز جاري ٿيڻ بعد ضمانت درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔