افغانستان ۾ ڏڦيڙجي صورت ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ انتشار جي صورت ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو.

پاڪستان ۽ تاجڪستان۾ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب ٿي ، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان به موجود هو.

واپار،سيڙپڪاري، توانائي ، ثقافت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون ، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان يادداشتن تي صحيحون ڪيون .

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انتشار سان پاڪستان ۽ تاجڪستان متاثر ٿيندا، واپار، سيڙپڪاري ،توانائي ، ثقافت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار جاري رهندو .

هن چيو ته  اسان جي ڪوشش آهي ته ٻه طرفا لاڳاپن کي مضبوط ڪريون ڇو ته ٻنهين ملڪن  کي گڏيل چيلنجز درپيش آهن. پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ واپار کي نهايت ئي گهڻي اهميت حاصل آهي ، جڏهن ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي .

وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انتشار جي صورت ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو ، ٻنهي ملڪن لاءِ ضروري آهي ته افغان مسئلو سياسي طور تي حل ٿئي، پاڪستان ۽ تاجڪستان لاءِ موسمي تبديل به هڪ چيلينج آهي .

هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جا اپاءَ واپس وٺڻ گهرجن ڇو ته 5 آگسٽ جا اپاءَ واپس وٺڻ  کان سواءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر نه ٿا ٿي سگهن ، افغانستان جو پرامن حل سڀني لاءِ نهايت ضروري آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔