پنجاب پوليس ۾ وڏي پئماني تي آفيسرزجون بدليون ۽ مقرريون

لاهور : پنجاب جي ايس ايس پيز سميت 48 پوليس اهلڪارن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب علي جاويد انور ملڪ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايس پي يو، ڊي پي او حافظ آباد محمد رضوان کي هيڊ ڪوارٽر ۽ رانا محمد معصوم کي ڊي پي او حافظ آباد مقرر ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ايم ٽي مونٽزير مهدي چيف ٽريفڪ آفيسر لاهور بڻجي ويو، سي ٽي او لاهور حماد عابد ايس ايس پي ايم ٽي پنجاب، عثمان اعجاز باجوہ کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائوٿ مقرر ڪيو ويو، ايس ايس پي حسن اسد علوي اي آءِ جي انسپيڪشن ۽ ايس ايس پي امير عبدالله نيازي کي ڊي پي او وهاڙي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي پي او زاهد نواز مروت کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ڪيپٽن (ر) منصور اعوان ايس ايس پي انويسٽيگيشن لاهور، صادق حسين اي آءِ جي آپريشن ڏکڻ پنجاب ملتان ، ايس پي سي آر او عثمان طارق بٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر ايس پي يو ، اي آءِ جي آر ڊي محمد محمد ايس پي سي آر او لاهور، آصف صديقي ايس پي ٽريفڪ لاهور ، محمد اسلم خان ايس پي سيڪيورٽي 3 لاهور، تيمور خان ايس پي سيڪيورٽي راولپنڊي، غلام مصطفيٰ گيلاني ايس پي انويسٽيگيشن نارووال، عبداللطيف طاهر بٽالين ڪمانڊر پي سي فيصل آباد، ناصر محمود باجوہ ايس پي انويسٽيگيشن ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ رضوان طارق ايس پي جڙانوالا ڊويزن فيصل آباد مقرر ڪيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔