سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪرڻ واري مهم بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪرڻ واري مهم بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، رولو ڪتن جي آزار ۽ ويڪسين جي عدم فراهمي واري معاملي تي ٻڌڻي دوران ايديشنل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ پيش، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 8 سالن کانپوءِ ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪرڻ بابت قانونسازي ٿي، انتهائي ڏکيائي سان اهو قانون ٺهيو آهي، ڪُتا پڪڙي رهيا آهيو يا وڪسينيشن ڪئي پئي وڃي، ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪُتن کي ويڪسينيٽ ڪيو پيو وڃي، قانونسازي بابت ٻن هفتن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔