اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي 8 جون تائين هيڪ چيئرمين مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي 8 جون تائين هيڪ چيئرمين مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، هيڪ چيئرمين کي هٽائڻ ۽ ترميمي آرڊيننس خلاف درخواست تي ڪابينا ڊويزن، وفاقي تعليم ۽ قانون کاتي جي سيڪريٽريز کي نوٽيسز جاري، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڏٺو وڃي ته ترميمي آرڊيننس سان رڳو اڳوڻو هيڪ چيئرمين طارق بنوري متاثر ٿيو آهي، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته رڳو ڪنهن خاص ماڻهو لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو وڃي، موجوده حڪومت آرڊيننس سان ادارن جي خودمختياري ختم ڪري رهي آهي، عدالت هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين طارق بنوري کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔