وفاقي سرڪار شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي سرڪار شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل سپريم ڪورٽ مان واپس وٺي ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان ، هاءِ ڪورٽ جو نمائيندو ۽ شهبازشريف جو وڪيل سينيٽر اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڪارڊ موجب هڪ ڏينهن ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿي ۽ اعتراض ختم ڪري ڪيس ٻڌو ويو، ڇا شهباز شريف جو ڪيس سسٽم تحت ٿيو يا خاص طور تي، ان تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌايو ته درخواست اعتراض لاءِ مقرر ٿي ۽ فيصلو ٿيو ته اعتراض تي فيصلو به درخواست سان گڏ ٿيندو، جمعي تي 9:30 تي اعتراض لڳو ۽ 11:30 تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته حڪومتي وڪيل کي هدايت وٺڻ لاءِ صرف 30 منٽ ڏنا ويا، هڪ سال ۾ ڪيترن ڪيسز جي جمعي تي 12 وڳي ٻڌڻي ٿي؟ ٻڌايو وڃي ته ڪيسز ۾ هڪ طرفو رليف ڏنو ويو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ هي به نه پڇيو ته شهباز شريف جو نالو ڪنهن لسٽ ۾ آهي، ڇا اهڙي طرح جو حڪم جاري ٿي سگهي ٿو جهڙي طرح لاهور هاءِ ڪورٽ ڏنو؟، سپريم ڪورٽ چيو ته شهباز شريف کي جهڙي نموني رليف ڏنو ويو، فوجداري ڪيسز ۾ جوابدار چر پر کي ڪيئن محدود ڪري سگهجي ٿو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت جو موقف به نه ٻڌو ويو، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اپيل ۾ عدالت تي ڪو به اعتراض نه لڳايو ويو هو، عدالت وفاق جي اپيل ٻن ٽرمز تي اڪلائي ڇڏي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو بليڪ لسٽ سان نالو ڪڍرائڻ وارو مثال نه بڻجي وڃي؟، شهباز شريف جي وڪيل چيو ته هن درخواست تي جمعي ڏهاڙي ٻڌڻي ۽ ان ڏينهن عدالت ۾ چانهه جو وقفو ناهي هوندو، جسٽس سجاد علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو سائل هاڻي به ٻاهرين ملڪ وڃڻ چاهي ٿو؟، ان تي اٽارني جنرل چيو ته شهباز شريف جو ٽرائل ڪرڻ واري جج کي به هاءِ ڪورٽ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت جو جج نئون لڳائڻ ۾ ڇا مسئلو آهي، اٽارني جنرل چيو ته نئون جج مقرر ڪرڻ ۾ ٽي کان چار مهينا لڳن ٿا، شايد شهباز شريف نٿو چاهي ته هن جو ڪيس جلدي اڪلائجي، جج کي جهڙي انداز ۾ وقت کان اڳ هٽايو ويو ان تي حڪومت کي اعتراض آهي، ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار چيو ته نون ججز جي مقرريءَ لاءِ نالا موڪليا ويا آهن، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇا حڪومت کي نئين نالن تي اعتراض آهي،؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته نئين نالن جي اعتراض جي حوالي سان مون کي خبر نه آهي. بعد ۾ حڪومت شهباز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي ۽ شهباز شريف جي وڪيل به توهين عدالت جي پيروي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ درخواست اڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔