تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويو

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ هن وقت هو مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويو آهي.

شفقت محمود ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾  ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ جي تصديق ڪئي. شفقت محمود ٽوئٽ ۾ چيو ته منهنجون ڪورونا جون آخري ٻئي ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن ۽ هاڻ آئون مڪمل طور تي صحتياب ٿي واپس موٽي رهيو آهيان.

هن جو چوڻ هو ته منهنجي جلد صحتيابي ڪورونا ويڪسين سبب ممڪن ٿي. ويڪسين خطرناڪ وبا جي خلاف فائديمند آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔