جماعت اسلامي جو ڪي اليڪٽرڪ کي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ 3 ڏينھن جو الٽيميٽم

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظي نعيم الرحمان شھر ۾ بجلي جي واھپيدار خانگي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي لاءِ 3 ڏينھن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ ھو تھ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو معاملو بڳڙجندو پيو وڃي، جيڪڏھن 3 ڏينھن ۾ مسئلو حل نھ ٿيو تھ احتجاج ڪنداسين. انھن چيو تھ حڪومت جي طرفان شھرين کي ڪوئي ريليف نھ پيو ڏنو وڃي، جڏھن تھ ڪي اليڪٽرڪ کي خانڳائي 16 سالن کانپوءِ بھ بجلي جي پيداوار ۾ 11 سيڪرو اضافو ڪري سگھيو. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ ھو تھ نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي طول پيو ڏئي، ڪي اليڪٽرڪ کي ڇو خانڳايو ويو انھيءَ جي لاءِ جو لوڊشيڊنگ ختم ٿئي؟ ھي خود انحصار ٿي وڃن، انھيءَ ڪري ڪي اي ايس سي کي وڪڻيو ويو ھو. انھن چيو تھ ھاڻ ڪي اليڪٽرڪ واھپيدار جي تعداد ساڍا 29 لک ٿي وئي آھي، جڏھن تھ 2005ع ۾ واھپيدار جي تعداد 18 لک ھئي، حڪومت ھاڻ ھڪ پرائيويٽ اداري کي 95 ارب جي سبسڊي ڏيندي آھي. جماعت اسلامي جي ڪراچي جي امير جو چوڻ ھو تھ ڪي اليڪٽرڪ جا والي وارث ماءُ پيءُ جي خبر ناھي تھ ڪير ان جو مالڪ آھي؟ ڇا ملڪ دشمن عناصر ھن جا واڳ ڌڻي آھن؟ ھنن وڌيڪ چيو تھ ڪراچي جا شھري لوڊشيڊنگ جي عذات ۾ مبتلا آھن، وفاقي حڪومت انھيءَ جي سڀ کان وڏي ذميوار آھي، 13 سالن کان اقتدار ۾ رھندڙ پ پ انھيءَ مسئلي تي ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔