ايڊيشنل سيڪريٽري عامر خورشيد جي گھرواريءَ جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپين جي منتقلي تي جواب طلب

ڪراچي: ايس اينڊ جي اي جي ڊي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عامر خورشيد جي گھرواريءَ جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپين جي منتقلي وارو معاملو، نيب عاليه عامر کان جواب طلب ڪري ورتو، ان ڏس ۾ نيب طرفان ايڊيشنل سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي عامر خورشيد جي گھرواري عاليه عامر کي نوٽيس اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان جا 4 مختلف بينڪن ۾ اڪائونٽ ٺهيل آهن، انهن اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا منتقل ٿيا آهن، اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيندڙ انهي رقم ۾ پاڪستاني ڪرنسي سميت آمريڪي ڊالر پڻ شامل آهن. اها رقم ڪهڙن بنيادن تي اوهان جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي آهي، ان جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. نيب ذريعن موجب ايڊيشنل سيڪريٽري عامر خورشيد جاچ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي نيب چيئرمين سڏائيندڙ فراڊي خالد حسين سولنگي کي پڻ وڏي رقم ڏئي چڪو آهي، خالد حسين سولنگي پاڻ کي نيب چيئرمين سڏائي ايڊيشنل سيڪريٽري کان لکين رپيا ورتا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔