ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن آخري هوندو: ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ

ڪنڌڪوٽ: ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن جو جائزو ورتو ۽ ڪچي ۾ دراني مهر،مينگل چاچڙ،ميهر سبزوئي،گبلو،گيهلپور سميت مختلف علائقن ۾ لڳل پوليس ڪئمپس جو دورو ڪيو. ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ کي ايس ايس پي امجد شيخ پاران ڪچي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن ۽ پوليس ڪئمپس بابت بريفنگ ڏني وئي. ڊي آءِ جي ڪچي جي دوري دوران پوليس آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن سان پڻ مليو، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن فيصلائتو آپريشن آهي، ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ۽ ڪچي ۾ آخري پوليس آپريشن هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔