سنڌ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 868 نوان ڪيس ظاهر، 12 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 868 نوان ڪيس ظاهر، 12 مريض فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11284 نمونا چڪاس ڪيا ويا، جن مان 868 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، 12 مريضن جي فوت ٿيڻ بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 5،051 ٿي چڪو آهي. اڄ وبا مان وڌيڪ 1675 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 289،403 ٿي چڪو آھي. هن وقت 24976 مريضن جو علاج جاري آهي. جن مان 929 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته76 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔