گڊو بئراج تي کوٽ 68 سيڪڙو تائين پهچي وئي آھي: سهيل انور سيال

ڪراچي: آبپاشي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته گڊو بئراج تي کوٽ 68 سيڪڙو تائين پهچي وئي آھي، پنجاب ۾ 38 سيڪڙو ۽ سنڌ جي کوٽ 50 سيڪڙو کوٽ آھي. هن چيو ته گڊو بئراج تي چوري ثابت ناهي ٿي، پنجاب انگ اکرن ۾ هيرا ڦيري ڪري 4 هزار کان وڌيڪ ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آھي. صوبائي وزير چيو ته پنجاب پاڻي جي مسلسل چوري ڪري رهيو آھي، اسان پاڻي چوري ۾ ملوث ناهيون، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ مٿان کان هيٺ ٽيليميٽري سسٽم لڳايو وڃي. هن چيو ته ٽي پي پنجند لنڪ ڪئنال اڃا تائين بند نه ڪيو ويو آھي جتان پاڻي جي چوري جاري آھي، سڀاڻي ڪوٽڙي بئراج جي پيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي جتي واري اڏامي پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔