سنڌ حڪومت پاران سرڪاري آفيسرن لاءِ فليٽ تعمير ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران سرڪاري آفيسرن لاءِ فليٽ تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري سطح جي آفيسرن لاءِ فليٽ تعمير ڪيا ويندا. اهڙو فيصلو چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ ناڻي کاتي وارو سيڪريٽري، سيڪريٽري جي اي، ڊپٽي ڪمشنرن سائوتھ سميت لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. فيصلو ڪيو ويو ته باٿ آئيلينڊ ۾ سيڪريٽرين لاءِ 20 فليٽ قائم ڪيا ويندا، صدر واري علائقي 2 ويھ منزل عمارتون تعمير ڪري ڊپٽي سيڪريٽري سطح جي آفيسرن کي فليٽ الاٽ ڪيا ويندا. گلشن اقبال واري علائقي ۾ پڻ سرڪاري فليٽ تعمير ڪيا ويندا. چيف سيڪريٽري چيو ته اسڪيم مڪمل ٿيڻ سان سرڪاري آفيسرن جي رھائش جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن سيڪريٽري جي اي کي هدايت ڪئي ته لانڍي ۾ موجود فليٽ جي بيليٽنگ مڪمل ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔