ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 43 مريض فوت، 2 هزار 17 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد: ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 43 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد وبا وگهي فوتين جو مجموعي انگ 20 هزار 792 ٿي ويو ، جڏهن ته 2 هزار 117 نوان ڪيس ظاهر به ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح 4.5 رهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪل ڪيسز جو تعداد 9 لک 21 هزار 53 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هيل تائين وائرس سان 8 لک 41 هزار 241 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔