اسان سان سياست نه، پر انصاف ڪيو وڃي: جهانگير ترين

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته اسان سان سياست نه، پر انصاف ڪيو وڃي، عمران خان انصاف جو واعدو ڪيو هو، گهڻا ڏينهن ٿي ويا، هاڻي انصاف ملڻ گهرجي، لاهور ۾ احتساب عدالت ۾پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهين دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو آهي ته عمران خان طرفان جاچ لاءِ مقرر ڪيل بئريسٽر علي ظفر محنت سان رپورٽ مڪمل ڪئي، اُميد هئي ته رپورٽ منظرعام تي ايندي، مئي جو آخري ڏينهن اچي ويو، پر رپورٽ منظرعام تي نه آئي، هن چيو آهي ته اسان کي ڪجهه ڳالهين جي خبر آهي، پر ميڊيا تي نٿا ٻڌائي سگهون، علي ظفر جي رپورٽ منظرعام تي اچڻ گهرجي، جهانگير ترين چيو ته نذير چوهاڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ سان ڳالهه خراب ٿي وئي، اسان سان سياست نه، پر انصاف ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔