پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي: شاهد خان عباسي

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، پي ڊي ايم جا در سڀني لاءِ کُليل آهن، پر سمورين جماعتن کي پي ڊي ايم جا فيصلا مڃڻا پوندا، پي ڊي ايم جو دفاع ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عدليه، ميڊيا ۽ مقننه مان ڪوبه ادارو آزاد ناهي، ملڪ آئين ۽ قانون جي بالادستي سان هلندو آهي، وزيراعظم کي اها خبر ناهي ته ملڪ جون معاشي حالتون ڪهڙيون آهن، حالتون ٺيڪ هجن ها ته مهانگائي ۾ گهٽجي ها، هن چيو آهي ته ملڪ جي وزيراعظم کي خبر ئي نه آهي ته معاشي حالتون ڪهڙيون آهن، جي ڊي پي 2018 ۾ جيڪو هو اڄ اسان ان مان پوئتي آهيون، ڪنهن مشير ٻڌايو ڊي ڊي پي گروٿ وڌي وئي، جيڪڏهن حالتون ٺيڪ آهن ته پوءِ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي ها، وزيراعظم پنهنجي صلاحڪارن کان پڇي ته 2018 ۾ جي ڊي پي ڇا هئي ۽ هاڻي ڇا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔