ڪراچي ۾ ڏوھارين جو راڄ: ڌاڙن دوران مزاحمت تي 3 ڄڻا قتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ سعيد آباد، گلستان جوھر ۽ سپر ھاءِ وي تي ڌاڙي دوران مزاحمت تي 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، پوليس موجب بلديا ٽائون جي علائقي سعيد آباد ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي 34 ورھين جو نويد مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آھي تھ ھاءِ وي پنجاب ڪٽ جي ويجھو ڌاڙي دوران مزاحمت تي ڇرين جا وار ڪري 2 ماڻھن کي زخمي ڪيو ويو، جن مان ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنھن جي سڃاڻپ 22 ورھين جو قند آغا جي نالي سان ٿي آھي، جڏھن تھ زخمي جي سڃاڻپ 35 ورھين جي جمعو دين جي نالي سان ٿي آھي، پوليس موجب جوھر موڙ ويجھو ڌاڙي دوران مزاحمت تي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ 35 ورھين جو حمزا ۽ 60 ورھين جو وجيھ الدين زخمي ٿي پيا، جڏھن تھ وجيھ الحسن علاج دوران فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔