وزيراعظم عمران خان پنهنجي هوڏ تي قائم، ٻنڊي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انشاءَ الله ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ تي وڏو شهر اڏيو ويندو، سموري ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون، هڪجهڙو نصاب نه هجڻ ڪري بُنياد پرستي کي هٿي ملندي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ 10 سالن اندر 10 نوان ڊئمز ٺاهيا ويندا، ڊئمز مان 10 ميگاواٽ شفاف بجلي پيدا ٿيندي ۽ زرعي پاڻي ۾ به اضافو ٿيندو، هاڻي ٻهراڙي سان گڏ شهرن ۾ به وڻ پوکي رهيا آهيون، 2023ع تائين 10 ارب وڻ پوکيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔