سنڌ کان سواءِ سڄي ملڪ ۾ اڄ کان تعليمي سرگرمين جي شروعات ٿي وئي

اسلام آباد: سنڌ کان سواءِ سڄي ملڪ ۾ اڄ  کان تعليمي سرگرميون شروع ٿي ويون ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ڏهين ۽ ٻارهين درجي تائين ڪلاس شروع ٿي ويا.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت پنجاب ، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ گهٽتائي کانپوءِ صوبائي تعليمي وزارتن مرحليوار تعليمي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي .

کولي ويندڙ تعليمي ادارن ۾ مڪمل طور تي ايس او پيز جو خيال رکيو ويندو، اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو حاضري تحت شاگردن کي اچڻ جي اجازت هوندي.

پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس ڏهين ۽ ٻارهين درجي جا ڪلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسڪولن ۾ ايس او پيز جو تمام گهڻو خيال رکيو وڃي .

ڪي پي جي تعليم واري وزير جو چوڻ آهي ته امتحانن جي تياري جي لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا پيا وڃن .

تعليم واري وفاقي وزير چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ تمام ڪلاسن جي شروعات 7 جون کان ڪئي ويندي .

بلوچستان حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اڄ کان اسڪول ۽ ڪاليج کوليا پيا وڃن جڏهن ته ايس اوپيز جو بي حد خيال رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔