ماضي ۾ آءِ ايم ايف آڏو (ن) ليگ ڪوڙا انگ اکر پيش ڪيا: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته ماصي ۾ آءِ ايم ايف آڏو مسلم ليگ(ن) ڪوڙا انگ اکر پيش ڪيا.

وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته ماضي ۾ نااهل ليگ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) آڏو ڪوڙا انگ اکر پيش ڪيا ۽ پاڪستاني روپئي جي مصنوعي طور تي منجمد رکڻ جي لاءِ قومي ناڻي کي بدترين نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي هاڻوڪي معيشت جون خبرون عالمي ادارا به ٻڌائي رهيا آهن جڏهن ته (ن) ليگ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تحريڪ انصاف 773 ملين ڊالر سرپلس ڪيو.

شهباز گل چيو ته نااهل(ن) ليگ 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ ايڪسپورٽ جو جنازو ڪڍيو پر اڄ ملڪ جا گڏيل ذخيرا 23 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن ۽ پرڏيهي پاڪستان جي بدولت ترسيلات زر 42.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن.

هن چيو ته معيشت تي هرون ڀرون جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ آئين ۽ قانون جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ طاقتور کي قانون جي آڏو جواب ڏيڻو پوندو آهي. آئين ۽ قانون جي بالادستي جي مثال آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔