چترال ۾ مسافر گاڏي درياءَ ۾ ڪرڻ سبب نو مسافر فوت

چترال: چترال ۾ اوناوچ واري هنڌ تي پل ڪراس ڪندي مسافر ٽويوٽا گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 مسافر فوت ۽ 2 معجزاڻي طور تي بچي ويا.

رپوٽ موجب لوئر چترال شهر کان يارخون ويندڙ ٽويوٽا گاڏي اوناوچ ۾ پل پار ڪندي درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 11 ڄڻا ٻڏي ويا. جن مان 9 ڄڻا فوت ۽ 2 معجزاڻي طور تي بچي ويا. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ آپريشن ۾ حصو ورتو.

آپريشن جي دوران حادثي جو شڪار گاڏي ۽ ديدارالدين، سلطان خان ۽ اعجاز ولي نالي ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا. جڏهن ته افتاج نالي شخص جي لاش پاور يارخون جي هنڌ تي مقامي ماڻهن ڪڍي اباڻي ڳوٺ منتقل ڪري ڇڏي.

ريسڪيو اختيارين جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته درياءَ ۾ گم ٿي ويل 9 ڄڻن مان 4 جا لاش ڪڍيا ويا  آهن جڏهن ته 5 ڄڻا گم آهن. حادثي ۾ بچي ويندڙ ماڻهن موجب گم ٿي ويل ماڻهن مان اسرار احمد، ڊرائيور مغل خان، اميد نبي ۽ 2 عورتون شامل آهن جن جي ڳولا جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔