حڪومت پاران ارڙنهن سالن کان وڏي عمر وارن جي ويڪسينيشن جو فيصلو

اسلام آباد: 3 جون کان 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي رجسٽريشن جي شروعات ٿي وئي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ توئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي او سي اجلاس ۾ خميس 3 جون کان 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي ويڪسينيشن جي لاءِ رجسٽريشن جي شروعات جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير چيو ته هن قدم سان ويڪسين لڳرائڻ جي سمورن ماڻهن جي ويڪسينيشن جو عمل شروع ٿي ويندو. ويڪسين لڳرائڻ جي لاءِ عوام پاڻ کي جلد کان جلد رجسٽرڊ ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔