درياهن جا وهڪرا وڌي ويا، سنڌ جو حصو 35 هزار ڪيوسڪ وڌايو ويو: ارسا

اسلام اباد : ارسا جي اڄوڪي ٿيل اجلاس ۾ پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ارسا ترجمان جي بيان موجب اڄ ڏٺو ويو ته پاڻي جي آمد جيڪا 28 مئي تي 172000 هزار ڪيوسڪ هئي سا 31 مئي تي وڌي 225000 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي. اهڙي ريت دريائن ۾ پاڻي جي آمد 24 سيڪڙو وڌي وئي آهي، جنهن بعد صوبن جي حصي ۾ واڌ ڪئي آهي. هاڻ پنجاب جو حصو 83000 هزار ڪيوسڪ کان وڌائي 101000 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، ان طرح پنجاب جو حصو 18000 هزار ڪيوسڪ وڌي ويو آهي. ساڳئي ريت سنڌ جو حصو 74000 ڪيوسڪ کان وڌي 109،000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، سنڌ جو حصو 35000 ڪيوسڪ وڌي ويو آهي. ارسا ترجمان موجب پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو مان گهٽجي 18 سيڪڙو تائين پهتي آهي. اترين علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سان درياهن جو وهڪرو تيزي سان وڌي رهيو آهي. ترجمان صوبن تي زور ڀريو ته هو پاڻيءَ جي استعمال جي طريقن کي جديد بڻائن ته جيئن پاڻي جي زيان کي بچائي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔