پيپلزپارٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف ضلعي هيڊڪواٽرز ۾ احتجاجن جو اعلان

ڪراچي : پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ۽ بجلي جي بدترين لوڊشيندگ تي ڳڻتي جو اظهار، پاڻي کوٽ خلاف ضلعي هيڊڪواٽرز ۾ احتجاجن جو اعلان، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ 60 سالن کان پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٽن صوبن جي مخالفت باوجود تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ تباهي آڻيندڙ عمل آهي، پاڻي تي ڌاڙي سبب سنڌ ۾ 40 سيڪڙو چانور، 32 سيڪڙو ڪمند ۽ 25 سيڪڙو وونئڻ جي فصل کي نقصان جو خطرو وڌي ويو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت هيٺ صوبائي ايگزيڪيو ڪميٽي جي اجلاس دوران پاڻي ۽ بجلي جي بندش خلاف احتجاجن تي غور، نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ سان وفاق جي زيادتين تي خاموش نه ويهنداسين، صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ چاليهه سيڪڙو ٿي وئي، پاڻي جي بدترين کوٽ سبب صوبي جي زراعت کي اربين رُپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔