ڪوڙ ڳالهائڻ تي فيس بڪ پاران آن لائن سزا ڏيڻ جو فيصلو

لنڊن: سماجي رابطن جي سڀني کان وڏي ويب سائٽ فيس بڪ ڪوڙ ڳالهائڻ تي آن لائن سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪوڙيون خبرون ۽ ڄاڻ ڦهلائيندڙ اڪائونٽس،، پيجز ۽ گروپس کي آن لائن شرمنده ڪيو ويندو. پوسٽ ڊيليٽ به نه ٿيندي پر سمورن صارفين کي ان جي ڪوڙو هجڻ جو پيغام ڏنو ويندو. فيس بڪ موجب جيڪو سوشل ميڊيا اڪائونٽس باقاعدگي سان غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ڦهلائيندو آهي هاڻ ان جي پوسٽن کي هٽائڻ جي بجاءِ ان تي ليبل لڳائي صارفين کي خبردار ڪيو ويندو ته جيئن هو ان تي يقين نه ڪن.ڪوڙ پکيڙيندڙ انفرادي سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي سزا ڏيڻ جي لاءِ ٻين صارفين کي ان اڪائونٽس جون پوسٽون گهٽ نظر اينديون. فيس بڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪوڙ تي ٻڌل پوسٽون ڊيليٽ ڪرڻ هن مسئلي جو بهتر حل ثابت ناهي ٿيو. ان ڪري ماهرن جي مشورن کان پوءِ نوٽيفڪيشن تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جن گروپس ۾ غلط ڄاڻ واريون پوسٽون اڪثر لڳايون وينديون آهن اتي وڃڻ سان اوهان وٽ هڪ نوٽيفڪيشن اچي ويندو جنهن جي ذريعي اوهان کي خبردار ڪيو ويندو ته هي اڪائونٽ/پيج/گروپ باقاعدگي سان غلط ڄاڻ پيش ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔