بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نه پيا ڪريون، بجيٽ ۾ زراعت تي ڌيان ڏينداسين: شوڪت ترين

اسلام آباد: بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نھ پيا ڪيون، زرعي شعبي تي ڌيان ڏينداسين، وفاقي ناڻي کاتي طرفان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي کي رعايت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آھي، ٽئڪس ڏيندڙن لاءِ ٽئڪسز ۾ به اضافو نه ڪيو ويندو، بجيٽ سيمنيار کي خطاب دوران وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ توانائي شعبي ۾ بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ ۾ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن اضافو معاشي بهتري جي عڪاسي آهي، ايف بي آر طرفان هراسان ڪرڻ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ يونيورسل سيلف اسيسمينٽ ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو نظام آندو ويندو، شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نھ پيا ڪريون، زرعي شعبي تي ڌيان ڏئي رھيا آھيون، معيشت کي بھتر ڪري رھيا آھيون، وزيراعظم جيڪي قدم کنيا آھن اھي بھترين آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔