عوامي ٽيڪس جي پيسن مان ناشتو:وزيراعظم خلاف جاچ

هيلنسڪي: عوامي ٽيڪس جي پيسن مان ناشتو گهرائڻ تي وزيراعظم خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يورپي ملڪ فن لينڊ جي وزيراعظم سنا مرين خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي هڪ مقامي اخبار۾ وزيراعظم ۽ سندس ڀاتين جي ناشتي بابت خبر شايع ٿي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته وزيراعظم سنا مرين حڪومت کان ناشتي جي مد ۾ ماهوار 300 يورو گهريا آهن، جنهن بعد پوليس پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته ان حوالي سان جاچ ڪئي ويندي ته وزيراعظم جو ناشتو سرڪاري پيسن مان اچي ٿو يا نه؟ واضح رهي ته فن لينڊ ۾ وزيراعظم جو ناشتوشهرين جي ٽيڪس جي پيسن مان گهرائڻ غيرقانوني قرار ڏنل آهي. جڏهن ته وزيراعظم سنا مرين جو چوڻ آهي ته اها سهولت اڳوڻن حڪمرانن کي به حاصل هئي تنهن هوندي به هو جاچ جي آجيان ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔