اوگرا پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ تبديلي جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي.
آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان اها سمري پهرين جون کان پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ تبديلي لاءِ موڪلي وئي آهي.
ذريعن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ 4 رپيا 30 پئسا في ليٽر، جڏهن ته پيٽرول ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ معمولي واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان لائيٽ ڊيزل جي قيمت برقرر رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي صلاح مشوري سان ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔