نيب لاهور جي ڪارروائي، جعلي ڊي جي نيب سکر گرفتار

اسلام آباد: نيب لاهور ڪارروائي ڪري جعلي ڊي جي نيب سکر کي گرفتار ڪري ورتو، نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدار محمد فياض پاڻ کي ڊي جي نيب سکر سڏائي سرڪاري آفيسرز تي دٻاءُ وجهندو هو، آفيسرز کي ڌمڪائي پنهنجا ڪم ڪرائيندو هو، عوامي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري جعلي ڊي جي نيب سکر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سياسي اڳواڻن جا نالا به استعمال ڪري پنهنجا ڪم ڪڍرائيندو هو، گرفتاري وقت جوابدار جي قبضي مان 44 لک ڪيش کان علاوه هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، پڌرائي موبج نيب لاهور جوابدر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، احتساب عدالت جوابدار کي 8 ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار جي خلاف جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آجي ته نيب چيئرمين جي هدايت تي نيب انٽيلي جنس ونگ هن وقت تائين 10 اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي نيب جو نالو استعمال ڪندي جعلي نيب آفيسر بڻجي مختلف ماڻهن کي لٽيندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔