اسلام آباد هائڪورٽ نيب کي قائم علي شاهه جي گرفتاري کان روڪي ورتو

اسلام آباد: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو .سيد قائم علي شاهه ضمانت کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪئي. سيد قائم علي شاهه مارچ ، اپريل ۽ مئي جا نيب ڪال اپ نوٽيس چيلينج ڪيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته، نيب ڪال اپ نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي۽ ڪيس جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت سندس درخواست منظور ڪندي نيب کي قائم علي شاهه جي گرفتاري کان روڪي ورتو ۽ سندس 8 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔