پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏنل اسلم ابڙو مٿان عورتن جو زمين تي قبضي جو الزام

جيڪب آباد: پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏنل ايم پي اي اسلم ابڙو مٿان زمين تي قبضي جو الزام، جيڪب آباد ۾ مسمات غلام سڪينه ايم پي اي اسلم ابڙو خلاف عدالت پهچي وئي، وڪيل ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ عورت موقف اختيار ڪيو آهي ته اسلم ابڙو يوسي ڪريم بخش ۾ سندس 14 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربندن ويهاري ڇڏيا آهن، زمين جو رڪارڊ مون وٽ موجود آهي، پوءِ به قبضو ڪيو ويو، عدالت عورت جي درخواست تي ايم پي اي اسلم ابڙو کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔