علي ظفر جهانگير ترين کي بيگناهه قرار ڏنو، اسان سرخرو ٿيا آهيون: راجا رياض

لاهور : جهانگير گروپ جي اڳواڻ راجا رياض دعويٰ ڪئي آهي ته علي ظفر پنهنجي رپورٽ ۾ جهانگير ترين کي بيگناهه قرار ڏنو آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته الله جو شڪر آهي علي ظفر پنهنجي رپورٽ ڏني آهي ته جهانگير ترين بلڪل بي گناهه آهي، هن جو ڪنهن به قسم جي ڏيڻ وٺڻ سان واسطو نه آهي، علي ظفر جي رپورٽ وزيراعظم کي ملي وئي ۽ ان کي وزيراعظم جي علم ۾ آندو ويو آهي، هي اسان جي فتح آهي، اسان سرخرو ٿيا آهيون، اسان جي گروپ جو موقف ڪامياب ٿيو آهي، هن چيو آهي ته گزريل ڏينهن رپورٽ اچڻ بعد پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سمورن ميمبرن کي خوشخبري ڏني وئي ته رپورٽ ۾ جهانگير ترين ڪليئر ٿي ويو، ڪنهن به قسم جي هيرا ڦيري ۽ شگر جي حوالي سان ڪا به شئي ان جي خلاف سامهون ناهي آئي، رپورٽ تي سڀني خوشي جو اظهار ڪيو آهي ته اسين سڀ سرخرو ٿيا آهيون، راجا رياض جو چوڻ هو ته اسان عدالتن ۾ به وينداسين ۽ ماڻهو ڏسندا ته عدالتن ۾ ايف آءِ اي کي شرمندگي ٿيندي ۽ هن کي پوئتي هٽڻو پوندو، ان جو اسان کي فائدو ٿيندو، اسان اخلاقي طور تي فتح حاصل ڪري چڪا آهيون، جهانگير ترين جي خلاف جيڪي سازشون ڪري رهيا هئا اهي هاڻي شرمنده آهن، هن وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير به اسان کي خاطري ڪرائي ته جيڪو ڪجه ٿيو اهو اڳتي نه ٿيندو، هن اسان جي گروپ لاءِ هڪ آفيسر به مقرر ڪيو آهي، راجا رياض جو چوڻ هو ته اسان جو گروپ قائم رهندو، اسان هر مسئلي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪنداسين، هي گروپ 2023 تائين رهندو، هر مسئلي تي حڪومت کي احساس ڏيارينداسين ته ڇا غلط ٿي رهيو آهي، اسان عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پي ٽي آءِ ۾ آهيون ۽ رهنداسين. هن چيو آهي ته اسان وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جنهن کي نيوٽرل امپائر ڏنو، علي ظفر وڏي محنت ڪئي ۽ ڪيترائي ڪلاڪ گڏجاڻيون ڪيون، هاڻي ايف آءِ اي ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ناهي، اسان چيو هو ته هي بوگس ڪيس آهي، هن تي مهر لڳي وئي، هي نيوٽرل امپائر مهر لڳائي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، جيڪي ماڻهو چوندا هئا اسان بليڪ ميلر آهيون ان جي منهن تي چماٽ لڳي آهي، هنن کي مستعفي ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔