سنڌ جا صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ پاڻي چور آهن: حليم عادل شيخ

ميرپورماٿيلو: پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي جروار ٿاڻي تي داخل ڊيوٽي اٽڪاءُ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن جي ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ سنڌ حڪومت ۽ صوبائي وزيرن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته، سنڌ ۾ بدامني ۽ پاڻي کوٽ جو ذميوار سنڌ حڪومت پاڻ آهي، شڪارپور ۽ لاڙ ڪاڻي ۾ شھيد اھلڪارن جو ڪيس آءِ جي سنڌ مٿان داخل ڪري کيس فوري طور تي هٽايو وڃي، هن چيو آهي ته وفاق سنڌ جو پاڻي ناھي روڪيو، ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، پنجاب ۾ ساڳي صورتحال آھي، صوبائي وزير سياست ڪري رھيا آھن، هن چيو آهي ته صوبائي وزير سھيل انور سيال 10 سالن ۾ صرف ۽ صرف ڪرپشن ڪئي آھي، پاڻي کوٽ تي سنڌ ۽ پنجاب کي وڙھائڻ جي سازش ڪري پيو، حليم عادل شيخ چيو آهي ته صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ پاڻي چوري ۾ ملوٽ آھن، عام ذميندار ۽ پ پ مخالفن کي پاڻي نه پيو ملي، هن وڌيڪ چيو آهي ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي، پوليس اهلڪارن کي ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته وزير اعظم سنڌ جي صورتحال تي گهرو وزير شيخ رشيد کي سنڌ وڃڻ جي هدايت ڪئي جيڪو اڄ هو سنڌ پھچي رھيو آھي، ضرورت پوڻ تي فوج آپريشن ڪري ٿي ته حمايت ڪئي ويندي، جلد سنڌ کي ڪچي ۽ پڪي جي ڏاڙيلن کان پاڪ ڪيو ويندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔