ڪوئيٽا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 4 مبينا دھشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا : بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته اغبرگ واري علائقي ۾دهشتگردن سان مقابلو ٿي پيو، فارنگ جي ڏي وٺ ۾4 ڏوهاري مارجي ويا. ترجمان موجب 2 دهشتگرد اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڪمپائونڊ جي جهڙتي مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪمپائونڊ مان هٿيار ۽ بارود پڻ مليو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔