حڪومتون ٽي وي ۽ ٽوئيٽر تي ناھن ھلنديون، پوليس اهلڪارن جي قاتلن کي نه ڇڏينداسين: وڏو وزير

شڪارپور: سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن تي فخر آھي، شڪارپور واقعي بابت هتي اچڻ ٿيو آھي، شھيدن جي وارثن سان ملاقات تي جن جا حوصله بلند ھئا، ضلعي جا 94 بھادر پوليس عملدارن شھادتون ماڻيون آھن، پوليس ڏوھارين خلاف پاڻ ھمت ڪري رھي آھي، شڪارپور ۾ امن امان بابت پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو آهي ته شھيدن جي شهادت ۾ جيڪو به شيطان ملوث ھوندو ان کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، ڪچي واري علائقي جي ڏيڍ لک واري ايريا ۾ آپريشن ٿيندو، جنھن لاءِ عام ماڻھو پاڻ ئي نڪري وڃن، وڏي وزير چيو آهي ته انشاءَ الله ھن آپريشن ۾ ڏوھاري شيطانن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائينداسين، شڪارپور 90 واري دور ۾ ھن کان به وڌيڪ حالتون خراب ھيون ۽ شڪارپور کان سکر تائين آئون پاڻ پوليس ڪارروائي ذريعي ويو ھيس، سيد مراد علي شاھ جو چوڻ هو ته پ پ حڪومت اچڻ بعد ڏوھن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آھي، گهرو وزير شيخ رشيد جي اچڻ بابت ڪي به اطلاع ناھن باقي ٽي تي خبر ٻڌي آھي ته ھو اچي ٿو، هو شڪارپور سميت ڪٿي به اچي سگھي ٿو، هن چيو آهي ته حڪومتون ٽي وي ۽ ٽوئيٽر تي ناھن ھلنديون، جڏهن ته وڏو وزير شھيد اھلڪارن جي تڏي تي پھچي شھيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، شھيد اھلڪار منور جتوئي ۽ فوٽو گرافر حسيب شيخ جي تڏي پھچي دعا پڻ گھري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔