ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ افغانستان مان فائرنگ جي واقعن جو سخت نوٽيس

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ افغانستان مان فائرنگ جي هاڻوڪن واقعن سميت سرحد پار دهشتگرد قيادت ۽ تنظيمن جي ٻيهر منظم ٿيڻ واري معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو ويو. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل موجب اجلاس ۾ پاڪ افغان سرحد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ عالمي ، علائقائي ۽ اندروني سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته اها اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ افغانستان امن دشمنن کي رستو نه ڏيندو. آرمي چيف سيڪيورٽي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ۽ فورم کي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آپريشنل گهرجن ۽ حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ، ڪانفرنس ۾ افغانستان مان فائرنگ جي تازن واقعن جو سخت نوٽيس ورتو ويو ، فورم خيبر پختونخوا جي نون ضلعن جي صورتحال جو به جائزو ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔