اڄ سپر فل مون ٿيندو

ڪراچي؛ اڄ اربع 26 مئي تي مڪمل چنڊ گهرڻ ٿيندو ۽ چنڊ زمين جي ويجهي هجڻ ڪري سپر فل مون جو به نظارو ٿيندو، ذريعن موجب اڄ چنڊ کي ” سپر فلاورز بلڊ مون “ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ چنڊ گرهڻ جي دوران 14 منٽ جي لاءِ چنڊ ڳاڙهي رنگ جو نظر ايندو، رپورٽ موجب پاڪستاني وقت موجب چنڊ گرهڻ جو آغاز ڏينهن ۾ هڪ لڳي 48 منٽ تي ٿيندو ۽ مڪمل چنڊ گرهڻ 4 لڳي 11 منٽ تي ٿيندو ۽ شام جو 6 لڳي 5 منٽ تي ختم ٿي ويندو چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ ڏينهن هجڻ سبب نه ڏسي سگهبو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔