تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران نيب جي ڪارڪردگي بهترين رهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) جي ڪارڪردگي  بهترين رهي.

وزيراعظم عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ نيب جي ڪارڪردگي بهترين رهي ۽ نيب 2018 کان 2020 تائين 484 ارب  روپيه واپس ڪرايا. هن چيو ته موجوده حڪومت ڏوهارين جي پٺڀرائي ناهي ڪندي ۽ نيب احتساب جي لاءِ مڪمل طور تي آزاد آهي جنهن جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ(ن) جي 10 سالن جي حڪومت ۾ اينٽي ڪرپشن ڊپاٽمينٽ پنجاب جي ڪارڪردگي ۾ واضح فرق آهي. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي گذريل 31 مهينن ۾ 220 ارب روپيه هٿ ڪيا. وزيراعظم  عمران خان چيو ته مسلم ليگ(ن) جي 10 سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ 192 ارب روپين جي سرڪاري زمين خالي ڪرائي وئي.

هن چيو ته مسلم ليگ(ن) 10 سالن ۾ 2 ارب 60 ڪروڙ روپين جي زمين خالي ڪرائي. اينٽي ڪرپشن پنجاب 2 ارب 35 ڪروڙ روپين هٿ ڪيا ان جي مقابلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي 10 سالن ۾ 43 ڪروڙ روپيه هٿ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔