يو ٽيوبرز عمران عباس ۽ اداڪاره اشنا شاهه جي شادي ڪرائي ڇڏي

ڪراچي : پاڪستاني يو ٽيوبرز معروف اداڪار عمران عباس ۽ اداڪاره اشنا شاهه جي شادي ڪرائي ڇڏي، اداڪاره اشنا شاهه يو ٽيوب چينل جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ اشنا ۽ عمران گهوٽ ڪنوار لي لباس ۾ ملبوس آهن ۽ تصوير تي لکيل آهي ٻئي اداڪار شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن، اداڪاره ساٿي اداڪار کي مينشن ڪندي مزاحيه انداز ۾ مبارڪون به ڏنيون، عمران عباس به تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو جلدي ۾ اسان هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ وسري ويو، پر هنن يوٽيوبرز کي مشورو ڏيندي لکيو ته گهٽ ۾ گهٽ فوٽو شاپ ئي ٺيڪ ڪيو ها..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔