انضمام الحق پشاور زلمي جو حصو بڻجي ويو

پاڪستان سپر ليگ سيزن سڪس جي رهيل ميچز لاءِ پشاور زلمي هاشم آمله جي جاءِ تي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي منٽور ۽ بيٽنگ ڪنلسٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي پنهنجي ٽوئٽ ۾ انضمام الحق کي زلمي فيملي جو حصو ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ کيس ڀليڪار ڪيو. جاويد آفريدي لکيو ته ليجنڊ انضمام الحق پشاور زلمي کي جوائن ڪري ورتو آهي. پشاور زلمي جي ٽيم ۾ وهاب رياض(ڪپتان) ابرار احمد، عماد بٽ، بسم الله خان، ڊيوڊ ملر، فابئين ايلن، فيڊل ايڊورڊز، حيدر علي، امام الحق، ڪامران اڪمل، محمد عامر، محمد عرفان سينيئر، محمد عمران، محمد عمران رنڌاوا، روومن پائول، وقار سلام خيل، شيرفين ردو فورڊ، شعيب ملڪ ۽ عميد آصف شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔