ڪڪڙ ۽ وڏو گوشت افغانستان برآمد تي پابندي

پشاور هاءِ ڪورٽ ڪڪڙ جو گوشت ۽ وڏو گوشت افغان برآمد ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پولٽري جي اگهن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي فوڊ سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري ايگريڪلچر، فوڊ ڪميشن جو وفاقي ڪمشنر، ڊي سيز، اي جي ۽ اي اي جي عدالت ۾ پيش ٿيا.
چيف جسٽس قيصر رشيد خان ريمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهو گڏجي ان جو ڪو حل ڪڍو ۽ جيڪا پولٽري فارمنگ آهي، ان جي بهتري لاءِ قدم کڻو، ڪڪڙ جو گوشت ۽ وڏو گوشت عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي، صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي.
هن چيو اگهه وڌي رهيا آهن ۽ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، کنڊ ۽ اٽي مافيا کانپوءِ لڳي ٿو ته هاڻ گوشت ۽ مرغي مافيا سرگرم ٿي وئي آهي، اهو ٻڌايو اگهه ڪڏهن گهٽ ٿيندا، اسان ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪري رهيا آهيون ته ايڪسپورٽ تي پابندي هڻن.
عدالت سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ان حوالي سان ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ ضم ٿيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي بارڊر ويندڙ رستن تي چڪن ۽ گوشت جي ايڪسپورٽ جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته جيستائين اگهه گهٽ نٿا ٿين، ايڪسپورٽ جي اجازت نه هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔