وبا کان اڳ ئي چيني ليبارٽري جا ڪارڪن ڪورونا سان متاثر ٿيڻ جي دعويٰ

واشنگٽن: آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا وبا جي شروعات کان اڳ ئي چيني شهر ووهان جي هڪ ليبارٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون هيون.
رپورٽ ۾ آمريڪي انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولاجي جي ٽن سائنسدانن کي نومبر 2019 ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.
اهڙي رپورٽ سان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو تاثر اڀريو آهي ته ڪورونا وبا حقيقت ۾ هڪ ليبارٽري ۾ ٿيندڙ تجربي ۾ غلطي سبب پکڙي.
هوڏانهن چين اهڙي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔