عمر اڪمل 42 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ ڀري ڇڏيو

لاهور: اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قومي ڪرڪيٽر عمل اڪمل 42 لک 40 هزار رپيا ڏنڊ جي ادائيگي ڪري ڇڏي ۽ هاڻ هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ري هيب پروگرام لاءِ اهل ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽر عمر اڪمل تي راندين جي ٽياڪڙي عدالت 42 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو، جڏهن ته عمر اڪمل پاران ري هيب پروگرام لاءِ ڏنڊ جي قسطن ۾ ادائيگي جي درخواست پي سي بي رد ڪري ڇڏي هئي.
پي سي بي ذريعن موجب عمر اڪمل هاڻ ڏنڊ جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ بورڊ جي ري هيب پروگرام لاءِ اهل آهي پر اهو تڪڙي ممڪن نه ٿي سگهندو، ڇو ته هن وقت پي سي بي جو سيڪيورٽي اينڊ اينٽي ڪرپشن يونٽ پي ايس ايل ۾ رڌل آهي، جڏهن ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن، جتي عمر اڪمل کي ليڪچر ڏيڻا آهن، اهو به آف آهي.
عمر اڪمل کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي 3 سال پابندي جي سزا به ٻڌائي وئي هئي، جنهن کي آزاد ايڊجيوڊيڪٽر گهٽائي 18 مهينا ڪري ڇڏيو هو.
مڊل آرڊر بيٽسمين سزا خلاف ٽياڪڙي عدالت ۾ اپيل ڪئي هئي، جتان کيس 6 مهينن جو رليف ته مليو پر گڏوگڏ ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔