شهباز شريف ڪيس: حيرت آهي هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيئن ڏنو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ شهباز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن کي عدالت شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران اٽارنجي جنرل چيو ته مسئلو ڪنهن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ناهي، عدالتي طريقيقار جو آهي، جنهن رفتار سان عدالت لڳي ۽ حڪم تي عملدرآمد جو چيو ويو اهو ڳڻتي جوڳي آهي، ه اءِ ڪورٽ ۾ جمعته الوادع جي ڏهاڙي اعتراض لڳا ۽ ختم به ٿي ويا ۽ عدالت جي سنگل بينچ هڪ طرفو فيصلو ڏئي ڇڏيو، ان تي سپريم ڪورٽ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف حڪومتي ادارن قدم کنيا، بادي النظر ۾ حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته شهباز شريف هاءِ ڪورٽ کان درخواست واپس وٺي ڇڏي، درخواست واپس وٺڻ بعد وفاق جي اپيل ڪيئب ٻڌي سگهجي ٿي؟، شهباز جو ٻاهرين ملڪ واڃڻ وارو مامرو ته ختم ٿي ويو، هاڻي ڏسڻو هي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين ٿي آهي يا نه، حيرت آهي ته هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيئن ڏئي ڇڏيو، بعد سپريم ڪورٽ شهباز شريف کي نوٽيس جاري ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان سمورو رڪارڊ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔