پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائي ڇڏيو، سنڌ جو احتجاج

اسلام آباد : پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائي ڇڏيو، پنجاب پاران تونسه پنجند ڪئنال ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجو طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، زاهد جوڻيجو جو چوڻ آهي ته پنجاب فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پنجاب سڌي ريت ڏاڍ مڙسي جو مظاهرو ڪيو، سنڌ جي ميمبر جو چوڻ آهي ته ارسا جي اجلاس ۾ ڪئنال نه وهائڻ جو فيصلو ٿيو، پنجاب ڪئنال کولي پاڻي جي جبري کڻت شروع ڪئي، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پنجاب ڪئنال کولي ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته جنهن ڪئنال جو پاڻي منظور ٿيل ناهي، فوري بند ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔