ڇا مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا به شادي جو فيصلو ڪري ورتو آهي؟

لاهور: پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ ماڊل جنت مرزا به ڳالهه پڪي ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. تازو ئي جنت مرزا انسٽاگرام تي پنهنجون مختلف تصويرون شيئر ڪيون جن مان هڪ تصوير ۾ ان سان گڏ ٽڪ ٽاڪر عمربٽ کي به ڏسي سگهجي ٿو. جنت مرزا طرفان شيئر ڪيل تصوير تي ڪمنٽ ڪندي هڪ صارف ان کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان جي ڳالهه پڪي ٿي وئي آهي يا مڱڻي؟ صارف جي سوال جو جواب ڏيندي جنت مرزا مختصر لکيو ته بي پي جنت مرزا جي مختصر جواب تي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اداڪاره منال خان کان پوءِ جنت مرزا ۽ ٽڪ ٽاڪر عمربٽ جي به ڳالهه پڪي ٿي وئي آهي.ياد رهي ته جنت مرزا ۽ عمر بٽ هڪ ٻئي جي وڊيوز ۾ نظر ايندا آهن ۽ انهن جي مڱڻي ۽ شادي جي حوالي سان خبرون ان کان اڳ به ميڊيا جي زينت بڻجي چڪيون آهن.ٻئي طرف جنت مرزا جا وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي 15 ملين فالوورز ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هو ٽڪ ٽاڪ تي 15 ملين فالوورز رکندڙ پاڪستان جي پهرين ٽڪ ٽاڪر بڻجي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔